SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Protracted War

(click word to listen sound
  • 🔊
  • prətræktid
  • ər
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Protracted War

پروٽرئڪٽيڊ وار

اينگهايل جنگ

ڪن به ٻن ملڪن يا علائقن جي وچ ۾ لڙائيءَ جي ڊگهي عرصي تائين جاري رهڻ جا هونئن ته ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر اينگهايل لڙائيءَ ۾ اختيار ڪيل روش مان اهو صاف ظاهر هوندو آهي، ته تڪراري ڌُرين مان جنگ روڪڻ جي نيت، ڪنهن جي به نه هوندي آهي. ٻن ڌُرين وچ ۾ لڙائيءَ جي ڊگهي عرصي تائين هلڻ واري اهڙي عمل کي ”اينگهايل جنگ“ (Protracted War) جي نالي سڏيو وڃي ٿو. ڪشميري مجاهدن ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ جنگ، سريلنڪا ۽ تامل ٽائيگرز جي وچ ۾ هليل ڊگهي جنگ، آمريڪا ۽ ريڊ انڊين جي درميان ڊگهيون لڙائيون ۽ آفريقا، لاطيني آمريڪا ۽ ايشيا ۾ قومي آزاديءَ جي لاءِ شروع ٿيل گوريلا لڙائين جي صورت ۾ ڪيتريون طويل لڙائيون آهن، جيڪي نظرين جي فرق سبب سالن جا سال بنا وقفي جاري رهيون. ”پروٽرئڪٽيڊ وار“ جي باري ۾ چين جي عظيم انقلابي اڳواڻ ’مائوزي تونگ‘ وضاحت سان لکيو آهي. مائوءَ جي نظر ۾ هن جنگ ۾ جيئن ته مخالف قوت وڌيڪ سگهاري هوندي آهي، تنهنڪري ڊگهي جنگ ذريعي کيس ٿڪائي آهستي آهستي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان حڪمت عملي ذريعي مائوءَ ۽ سندس انقلابي ساٿين چين جي ڳوٺاڻي زندگيءَ کان انقلاب شروع ڪيو ۽ پوءِ ان کي شهرن تائين مرحلي وار ڪاميابيءَ سان آندو. هن قسم جي جنگ لاءِ جهيڙيندڙ محڪوم ڌُر ۾ ارادن جي مضبوطي، فوجي مهارت ۽ عوامي حمايت جا عنصر گهربل هوندا آهن، لڙائيءَ کي ڪيتري عرصي تائين هلائڻو آهي ۽ ان کي پنهنجي مقصد طرف ڪيئن کڻي وڃڻو آهي، وارا نُڪتا واضح طور حڪمت عمليءَ جو حصو بنائڻا پوندا آهن، اهڙيءَ دانائيءَ جا واضح مثال مائوءَ جي لکڻين ۾ ملن ٿا. ”پروٽرئڪٽيڊ وار“جا ڪيترائي بُنيادي سبب هوندا آهن، ڪنهن معاملي تي جهيڙيندڙ ٻه ملڪ ڪنهن معدني يا زميني وسيلي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيا وڙهندا آهن، ڪجهه ملڪ علاقائي حوالي سان هڪ ٻئي تي حاوي ٿيڻ لاءِ وڙهندا آهن ۽ ڪٿي ڪو وڌيڪ طاقتور ملڪ ڪنهن ڪمزور ملڪ يا علائقي تي پنهنجي هڪ هٽي يا ڌاڪو ڄمائڻ چاهيندو آهي، ته ڪمزور مُلڪ يا ڌُر سندس بالادستيءَ آڏو هار نه مڃيندي غاصب سان مسلسل جنگ وڙهندي رهندي آهي. اهڙي جنگ ۾ اڪثر ڪري ڪمزور ۽ مظلوم ڌُر پنهنجي مستقل جدوجهد سان غاصب کي پير پوئتي ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. ويهين صديءَ ۾ افغانستان، ويٽنام ۽ انگولا جي لڙائين سميت ڪيترا ٻيا مثال پڻ ان ڏس ۾ اسان جي راهنمائي ڪري سگهن ٿا


Remember Me Also:

گاڏي هلائڻ

گاڏي واهِڻُ، گاڏي ڪمائڻ ، گاڏي ڪاهڻ ، گاڏي هڪلڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal